رحمت الله خليفو

رحمت الله، خليفو: خليفو رحمت الله ولد خضر خان سهتو، 6 جون 1913ع تي ڳوٺ آيوءَ، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ويجهي دور جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ ذهين طبع شخص ٿي گذريو آهي. پير مٺا سائينءَ جي خليفن مان هو.
12 اپريل 1920ع تي ڀنگو بهڻ اسڪول ۾ استاد غلام محمد خان ميمڻ وٽ تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿيو ۽ 1925ع ۾ فائنل پاس ڪيائين. اردوءَ ۾ به فائنل ڏنائين. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ اديب فاضل جا امتحان ڏنائين. ننڍپڻ کان انتهائي ذهين ۽ تيز دماغ هو. پيشي جي حوالي سان پرائمري استاد هو. ديني علم ۾ سندس گهڻي دلچسپي رهي. تصوف جي ڄاڻ لاءِ حضرت روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات جي مطالعي سان گڏ ٻين بزرگن جي حالاتِ زندگي، تاريخ ۽ فقھ جي ڪتابن جو به مطالعو ڪيائين. پير پاڳاري (اول) جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب ڇپرايائين. ان کان سواءِ ملفوظات شريف ’اخبار الفقراء‘ ۾ شايع ڪرايائين.
سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون موڪلي سنڌي ادب جي خدمت ڪيائين هن سهتا ذات تي به ڪافي ڪجهه لکيو آهي.
مرشد طرفان کيس خلافت جو خرقو به عطا ٿيو. مارشل لا جي دور ۾ کيس ۽ سندس خاندان کي ڪافي اذيتون ڏنيون ويون، کيس جيل حوالي ڪيو ويو ۽ سندس ڪجهه عزيز به ماريا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.06.06  عيسوي

خليفو رحمت الله ولد خضر خان سهتو، 6 جون 1913ع تي ڳوٺ آيوءَ، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راحت ٻائي
الهداد زرداري
عبدالقادر انڍڙ
حڪيم حسين سيوهاڻي
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
علي احمد جمالي
اشفاق احمد
سُورج مل اُڌيپوري
آري
سرهيو خدا داد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون